شاذليه طريقو

شاذليه طريقو (صوفي سلسلو): هيءُ اسلامي نظريي اهلسنت (سني) جو صوفي سلسلو آهي، جنهن جو بنياد ابو الحسن علي الشاذلي رکيو. شاذليه سلسلي جي پوئلڳن کي عام طور شاذلي چيو وڃي ٿو. تاريخي طور اسلامي تعليمات جي فروغ سبب هن سلسلي جي اهميت ۽ اثر اتر آفريڪا ۽ مصر ۾ تمام گهڻو رهيو آهي. هن سلسلي جي نمايان عالمن ۾ ابن عطاءَالله (حڪام ڪتاب جو مصنف)، احمد ذرق، احمد ابن عجيبه، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي شان ۽ ساڻن عقيدت و محبت جي اظهار لاءِ تحرير ڪيل ڪتاب دلائل الخيرات جو مصنف ابو عبدالله سيد محمد بن سليمان الجذولي رح ۽ مشهور دورد ’ قصيده البرده‘ شريف جو ليکڪ برميدي شامل رهيا آهن. ان کان سواءِ الاظهر يونيورسٽيءَ قاهره جا ڪيترائي استاد، عالم ۽ پروفيسر هن سلسلي جا پوئلڳ آهن.
شاذليه طريقي جون ڪيتريون ئي شاخون آهن، جن مان فصيحة الشاذليه/ فصيحه، هندستان، سريلنڪا ۽ پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ڪم ڪري رهيون آهن. در قوي شاخ گهڻي ڀاڱي مراڪش ۾ متحرڪ آهي، جڏهن ته درقوي علويه الجزائر مان اُخذ ٿي ۽ هاڻي دنيا جي مختلف ملڪن خاص ڪري شام، اردن، فرانس ۽ ٻين انگريزي ڳالهائيندڙ علائقن ۾ نظر اچي ٿي. برطانوي اسڪالر مارٽن لنگز (Martin Lings) هن شاخ جي باني احمدل علويءَ جي سوانح حيات تي جامع ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو عنوان آهي:
A Sufi Saint of the 20th Century.
سويڊن جو مشهور تاثريت پسند مصور ۽ صوفي اسڪالر ايوان ائگولي (Ivan Agueli: 1869- 1917ع) قانوني سطح تي هن سلسلي جو پهريون عالم هو، جنهن شاذليه طريقي کي اولهه يورپ ۾ متعارف ڪرايو.
موجوده وقت ۾ شاذليه طريقي جون سڄي دنيا ۾ تقريبن 72 شاخون آهن، جن مان سرفهرست هيٺيون آهن:
فصيحة الشاذليه: شاذليه طريقي جي هن صوفي سلسلي جو بنياد قطب العجود غوث الزمان الشيخ محمد بن محمد بن مسعود بن عبدالرحمان المڪي المغربي الفصيح الشاذلي (امام فصيح) رکيو، جنهن جو تعلق مراڪش سان هو، پر سندس ولادت مڪي شريف ۾ ٿي. هن سلسلي جا پوئلڳ وسيع پئماني تي هندستان، پاڪستان، سريلنڪا، موريشس ۽ انڊونيشيا ۾ آهن. امام فصيح جا پونئير جيڪي فصيحة الشاذليه سلسلي جا شيخ سڏجن ٿا، سندن رهائش مڪي ۽ جده (سعودي عرب) ۾ آهي. اهي اڪثر ڀائيچاري ۽ رواداريءَ جي سکيا ڏين ٿا ۽ تبليغ ڪرڻ لاءِ مٿين ملڪن جا دورا ڪندا رهن ٿا.
در قويه: هيءُ مراڪش ۾ قائم شاذلي طريقي جي شاخ آهي، جنهن جو بنياد ارڙهين صديءَ ڌاري محمد ال عربي ال در قوي رکيو. اولهه ۾ قائم ٿيندڙ پهريون طريقو، درقويه جي شاخ علويه هو، جنهن تي اهو نالو مشهور عالم احمد ابن مصطفيٰ ال علوي ال مصتغنمي المعروف شيخ ال علوي جي نالي تان پيو.
مرياميه/ مارياميه: شاذليه طريقي جي هن شاخ جو باني عيسيٰ نورالدين احمد عرف فرٿ جوف شوان (Frith Jof Schoun: 1907- 1998ع) هو. هن يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ هن سلسلي کي متعارف ڪرايو. سندس نمايان شاگردن ۾ سيد حسين نصر، ٽائٽس برڪهارڊ (Titus Burckhardt) ۽ مارٽن لنگز شامل آهن. شوان، اسلام ۽ تصوف تي ڪيترائي بهترين ڪتاب لکيا، جن ۾ هيٺيان اهم آهن:
1. Sufism: viel and Quintessence.
2. Dimensions of Islam
3. Understanding Islam
اتاسيه: اتاسيه صوفي سلسلو، علوي سلسلي جي شاخ آهي. هن جو بنياد عمر بن عبدالرحمان بن عقيل الاتاس رکيو. هن سلسلي جو مرڪز يمن سميت پاڪستان ، هندستان ۽ ميانمار (برما) رهيا آهن.
تازو يمن ۾ هن سلسلي جو مطالعو علم بشريات جي ماهر ڊئوڊ بچمئن (David Buchman) ڪيو آهي. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان
The underground friends of God and their Adversaries: A case study and Survey of Sufism in Contemporary Yemen آهي. هن مقالي ۾ محقق يمن ۾ مسلسل ڇهن مهينن تائين ڪيل تحقيق کانپوءِ اخذ ڪيل نتيجن کي جامع صورت ۾ پيش ڪيو آهي.
هن سلسلي جي ٻي اهم شخصيت عبدالقادر المربط آهي، جيڪو اسڪاٽش مان مسلمان ٿيو ۽ شاذلي-درقوي سلسلي سان منسلڪ رهيو. بعد ۾ هن پنهنجو جدا طريقو متعارف ڪرايو، جنهن کي هاڻي مربطون، درقويه ۽ حبيبيه جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن The Book Of Strangers نالي هڪ ڪتاب پڻ لکيو.
درقوي هاشميه: هيءَ شاذليه طريقي مان درقوي جي هڪ ٻي شاخ آهي، جيڪا عام طور شاذلي- در قوي هاشمي شاخ جي نالي سان سڏجي ٿي. هن شاخ جو باني شيخ محمد ال هاشمي طلميساني هو، جيڪو ال علوي شاخ جي روحاني مرشد شيخ احمدال علوي جي اجازت سان اتر آفريڪا ۽ دمشق ڏانهن تبليغ جي سلسلي ۾ هجرت ڪري ويو.
بداويه: شاذليه طريقي جي هيءَ هڪ ٻي اهم شاخ آهي، جنهن جا مصر،انڊونيشيا، ترڪي ۽ آمريڪا ۾ گروهه آهن. هن شاخ جو بنياد شيخ ابراهيم البداوي رکيو، جيڪو گهڻن سالن تائين الاظهر يونيورسٽي ۾ پروفيسر رهڻ سان گڏ مصر ۾ تصوف کي اجاگر ڪندڙ ٻن نمايان شخصيتن؛ شيخ عبدالحليم ۽ شيخ الاظهر جو هم مشرب پڻ رهيو. شيخ ابراهيم جي هڪ شاگرد شيخ عبدالله نور الدين درڪي آمريڪا ۾ شاذليه- بداويه جو بنياد رکيو . هن قرآن ڪريم جي ترجمي سان گڏ شاذليه طريقت بابت ٻه ڪتاب: ‘Orisons’ ۽ ‘Origins’ لکيا.
1999ع ڌاري، آڪٽوبر جي 17 کان 26 تاريخ جي وچ ۾ پهريون بين الاقوامي شاذليه فيسٽيول مصر ۾ منعقد ٿيو، جنهن جي پڄاڻي شاذليه طريقت جي باني ابو الحسن الشاذلي جي مزار تي صوفين جي گڏجاڻي/ حاضري،ذڪر، قصيدن ۽ ڪلاسيڪل شاعري جي ڳائڻ سان ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو